مورو ۾ پورهيتن جي عالمي ڏهاڙي تي سياسي، سماجي ۽ صحافين پاران يڪجهتي جو اظهار

news

مورو: پورھيت جي عالمي ڏھاڙي جي سلسلي م سنڌي ٻوليءَ جي سفير شاعر اديب ليکڪ سيد حسن شاھ صوفاڻي پاران ھوٽل تي چانھ ڪاڙھي پورھيتن سان محبت جو اظھار ڪيو ۽ چيو تہ ھي پورھيت سڄو ڏينھن محنت مزدوري ڪري پنھنجو پگھر وھائي حق حلال جي روزي ڪن ٿا پر ھنن جو قدر ناھي اڄ ھن ڏھاڙي تي سندن حمايت ڪندي پاڻ ھوٽل تي گڏجي ڪم ڪندي خوشي محسوس ڪيان ٿو ۽ ھنن کي سلام پيش ڪندي سڀني سڃاڻ ڌرين کي اپيل ٿو ڪريان تہ توھان بہ ھڪ ڏينھن محنت مزدوري ڪري ڏسو تہ توھان کي مزدور پورھيت جو احساس ٿي ويندو.

جڏھن نوجوان صحافي وحيد رزاق مستوئي پڻ ھوٽل تي ڪم ڪري پورھيتن سان ھمدردي جو اظھار ڪيو ۽ چيو تہ پورھيت اللہ جو دوست آھي گرمي ھجي يا سردي پر پورھيت وڏا ڪشالا ڪاٽي ٿو، ھڪ طرف حڪومت ٽيڪس وڌائي رھي آھي ۽ کاڌي پيتي کان علاوہ زندگي جي ضرورت ۾ ايندڙ شيون مھانگيون ٿينديون پيون وڃن پر ان جي باوجود ھن مھانگائي جي دور ۾ زندگي کي گذارڻ لاءِ پورھيت محنت ڪري رھيو آھي پر حڪمرانن کي انھن جي ڪا سوچ ناھي، ھن چيو تہ پورھيو مزدوري ڪرڻ ڪو عيب ناھي پر حق حلال جو ھجڻ گھرجي، ھر ھنر بادشاھ آھي وقت تي ان جي وڏي ضرورت پوندي آھي ان ڪري پنھنجي مزدورن پورھيتن جي قدر ڪيو، ھن عالمي ڏينھن تي وفاقي حڪومت ء سنڌ حڪومت کي پورھيتن لاءِ خاص پيڪيج ڏيڻ گھرجي ھا پر افسوس انھن کي انھن جو قدر ناھي.

ان کان علاوہ جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪز سڏ تي 10 فيبروري پورھيتن جي ڏھاڙي جي سلسلي ۾  موري م بہ جسقم ضلعي اڳواڻ شاھنواز ڀٽي ڇولن جو ٿالھ کڻي ڇولا کپائي مزدوري ڏھاڙو ملھايو.