مورو ۾ استاد ڦورن هٿان موٽرسائيڪل وڃائي ويٺو، رپورٽ داخل

news

مورو: مورو شھر جي دادو روڊ حضوري پير ڀرسان ڍلو محلا مان نامعلوم ڦورو استاد محمد يونس ڍلو کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن ته مزاحمت تي کيس زخمي ڪري ڇڏيو.

ان سلسلي ۾ استاد محمد يونس ڍلو ٻڌايو تہ شھر مان سامان وٺي واپس گھر پھتس تہ موٽر سائيڪل تي سوار نامعلوم ٽي ٻٽ ٻڌل ڦورو اڳيان اچي مون کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا جن سان مزاحمت ڪئي انھن ڌڪ ھڻي مونکي ڪيرائي فرار ٿي ويا. جڏهن ان واقعي جي رپورٽ پڻ ٿاڻي تي داخل ڪرائي وئي آهي.