جيڪب آباد ۾ ڪنزيومر ڪورٽ جو جج اوچتو سول اسپتال پهچي ويو، عملي ۾ ٿرٿلو

news

جيڪب آباد: ڪنزيومر ڪورٽ جي جج جوڊيشل مئجسٽريٽ اعجاز علي چانڊيو سول اسپتال ۾ اوچتو پھتو جج جي اوچتي دوري سبب اسپتال ۾ موجود ڊاڪٽرن سميت ٻئي عملي ۾ ٿرٿلو مچي ويو.

جڏهن ته حاضر ٿيل عملو غير موجود عملي کي فون ڪري گھرائي ورتو جج، سول سرجن ڊاڪٽر عبدالمالڪ کرل سان گڏجي اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ سميت او پي ڊي، گائني وارڊ سميت مختلف شعبن جو معائنو ڪري معلومات ورتي.

جڏهن ته سول اسپتال جي ليبارٽري بند ٿيڻ، ايمبولينس جي حالت خراب ۽ آر او پلانٽ خراب ٿيڻ تي سول سرجن کان سخت پڇاڻو ڪندي ڇنڊ پٽي ۽ حالت بھتر بڻائڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي جڏهن ته دوري دوران مريضن جج آڏو دوائن جي کوٽ جي شڪايت ڪئي جنهن تي جج سول سرجن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ مريضن کي دوائون ڏيڻ جي ھدايت ڪئي.