جيڪب آباد ۾ سرڪاري ملازمن جي ٺهيل ڪالوني گندگي جي ور چڙهيل، واهر جي اپيل

news

جيڪب آباد: جيڪب آباد جي ڊپٽي ڪمشنر آفيس اندر قائم ڊي سي آفيس جي ملازمن لاءِ قائم ٿيل رهائشي ڪالوني گندگي جي ور چڙهي وئي آهي.

جڏهن ته ڪالوني جا روڊ رستا به ڀڄي ٽٽي پيا آهن جڏهن ته گندي پاڻي جو نيڪال نه هئڻ سبب گندو پاڻي گهٽين ۾ بيهڻ لڳو آهي جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد جي گهر پٺيان قائم سرڪاري ڪوارٽرن ٻاهران گندگي جا ڍير لڳل آهن جنهن سبب اتي رهندڙ ننڍا ملازم عذاب ۾ پئجي ويا آهن گندگي سبب ڪالوني ۾ چمڙي جي وچندڙ وبا به پکڙي رهي آهي.

ڊي سي آفيس واري ڪالوني ۾ رهندڙ ملازمن جو چوڻ هو ته اسين ننڍا ملازم آهيون آفيسرن خلاف نه ٿا ڳالهائي سگهون کين پاڻ ئي اسان جو احساس ڪرڻ کپي اسين سڄو ڏينهن سندن خدمت ڪندا آهيون پر ڪيترائي ڀيرا هتي رهندڙ ملازم جٿي جي صورت ۾ ڊي سي سان ملاقات به ڪري آيا آهن پر ڊي سي پاران ڪنهن به قسم جي توجهه نه پئي ڏني وڃي.