سنڌي ادبي بورڊ طرفان ماهوار رسالي سرتيون جا ٽيهه سال پورا ٿيڻ تي تقريب منعقد
ويب ڊيسڪ | 12 مھينا پھريان

ڄامشورو (رپورٽ: حيات ميراڻي) سنڌي ادبي بورڊ طرفان عورتن لاءِ شايع ٿيندڙ ماهوار رسالي سرتيون جي ادبي خدمتن جا 30 سال پورا ٿيڻ جي موقعي تي، ادبي بورڊ جي هيڊ آفيس ۾ مخدوم طالب الموليٰ آڊيٽوريم ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي.
ان موقعي تي سنڌي ادبي بورڊ طرفان تازو شايع ٿيل ٽن ڪتابن سنڌ جو تاريخ نويس”مير علي شير قانع ٺٽوي“، مڪلي ٽڪري ۽ سرتيون هڪ شخصيت سؤ سوال جي مهورتي تقريب پڻ ٿي جنهن م سنڌي ادبي بورڊ بورڊ آف گورنرس جي ميمبرن سرفراز راڄڙ، سيد ارشاد علي شاهه، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، اسد جمال پلي، نذير ناز ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
تقريب جي خاص مهمان نذير ناز ۽ صدارت امر سنڌو، جڏهن ته ڪمپيئرنگ سرتيون رسالي جي ايڊيٽر گلبدن جاويد مرزا ڪئي. ان موقعي تي خاص مهمان ميڊم نذير ناز ڳالهائندي چيو ته محترم قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ جيڪو خواتين جي شعوري ترقي لاءِ سرتيون رسالي جو اجراءَ ڪيو ان کي اڄ ٽيهه سال ٿي ويا . ان رسالي سان ڪيترين ڀينرن ۾ ادبي ذوق پيدا ٿيو ۽ ڪيترين ۾ لکڻ جو شعور پيدا ٿيو.
اسان جي موجوده چيئرمين مخدوم سعيد الزمان انهيءَ ٻاريل جوت کي وسامڻ نه ڏنو ۽ مان دل جي گهرائين سان سائين مخدوم جميل الزمان، محترم سائين سعيد الزمان، سرتيون رسالي جي ايڊيٽر کي مبارڪون پيش ڪريان ٿي. تقريب جي خاص مهمان امر سنڌوڳالهائيندي چيو ته سرتيون وڏي ڪاميابي سان پنهنجا ٽيهه سال پورا ڪيا آهن، اهي ٽيهه سال ائين آسان نه هئا، ڇاڪاڻ ته ادبي توڙي انتظامي مخالفن جي باوجود هي رسالي جاري ۽ ساري رهيو. ان سفر کي ٽيهه سالن تائين پهچائڻ ۾ جتي گلبدن جاويد مرزا جي شخصي ڪوشش جو هٿ آهي، اتي اهو به ڏسڻ کپي ته سرتيون ۾ لکندڙ هر عورت ليکڪا جو ساٿ سندس سگهه ۾ شامل رهيو، ان ڪري هي ڪاميابي صرف ايڊيٽر نه پر ان ۾ لکندڙ هر ليکڪا جي آهي، اهي اکر به شامل آن، جيڪي ڪنهن به ليک جي صورت ۾ سرتيون ۾ ڇپيا. سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي سيڪريٽري، ليکڪه ۽ شاعره شبنم گل چيو ته سرتيون اهو رسالو آهي جهن ٽيهن سالن کان ادبي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن.
سرتيون رسالي ڪيترين ئي نوجوان ليکڪائن کي متعارف ڪرايو جيڪي اڄ ادب جي کيتر ۾ پنهنجون صلاحيتون مڃائي چڪيون آهن. سرتيون رسالي جي معيار کي بهتر بنائڻ ۽ مستقل پڌري ڪرڻ تي سندس ايڊيٽر محترمه گلبدن جاويد مرزا جو وڏو حصو آهي. هي رسالو سنڌ جي ٻهراڙين توڙي ڏورانهن علائقن ۾ تمام پسند ڪيو ويندو آهي. جنهن عورتن جي فڪري ۽ تخليقي صلاحيتن کي اتساهيو آهي. نامياري ليکڪه ۽ سماجي اڳواڻ عرفانه ملاح ڳالهائيندي چيو ته سرتيون رسالو پاڪستان ۾ واحد عورتن جو رسالو آهي، جيڪو ٽيهن سالن کان لاڳيو نڪرندو آهي. هن مئگزين جا ٽيهن سالن جو سفر سنڌ جي لکندڙ عورتن ۽ سماج جي ٻين شعبن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن جي تاريخ ۽ پروفائيل آهي. هر لکندڙ سماجي جاکوڙ ڪندڙ عورت توڙي ٻين شعبن ۾ نالو ڪمائيندڙ عورتن جي باري ۾ به هن رسالي ۾ ڪجهه نه ڪجهه ذڪر ضرور ملي ٿو.
هن رسالي جي عورت ليکڪائن کي منظرعام آڻڻ ۾ هن رسالي انتهائي امر ڪردا ادا ڪيو تنهن ڪري هن رسالي کي آن لائين ڪري يورپي دنيا جي عورتن تائين روشناس ڪرايو وڃي ۽ خاص اهميت ڏئي ان کي اڳيان وڌايو وڃي. ليکڪه ۽ سماجي اڳواڻ حسين مسرت ڳالهائيندي چيو ته سرتيون جو ڪو عام رشتو نه آهي، گلبدن سرتيون رسالي کي پنهنجي پياري سکي جيان سجائيندي ۽ سنواريندي آهي، اها اڻٿڪ محنت ڪندڙ ايڊيٽر آهي، مرداڻي سماجي ۾ گلبدن پاڻ سرتيون رسالي جي پليٽ فارم تان عورتن لاءِ جاءِ ٺاهي آهي، همت ۽ بهادري سان پنهنجي جاءِ تي بيٺي آهي. ليکڪه ڊاڪٽر ريحانه ملاح ڳالهائيندي چيو ته سرتيون رسالو سنڌ ۾ عورتن جو نڪرندڙ واحد رسالو آهي جنهن پنهنجي پليٽ فارم تان ڪيترين ليکڪائن کي متعارف ڪرايو آهي.
اڄ سرتيون جو هي جشن دراصل انهن دٻيل آوازن ۽ لڪل جذبن جو کليو اظهار آهي جيڪو صدين کان عورتن چار ديوارن ۾ بند رکيو هو. سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ليکڪه ڊاڪٽر قمر واحد ڳالهائيندي چيو ته اڄ سنڌي ادبي بورڊ پاران سرتيون رسالي جي هڪ شخصيت سؤ سوال خاص نمبر جو مهورت ڪيو ويو آهي.
هيءُ ڪتاب گلبدن جاويد مرزا سهيڙي ڇپايو آهي، جيڪو سنڌي ڄاڻ رکندڙ ادبي، علمي ۽ جاکوڙي عورتن جي خيالات ۽ جدوجهد کي نمايان ڪري ٿو. 100 سال ۽ انهن جا جواب اسان جي سرتين جي ڪاوش کي پوري نموني پيش ڪونه ٿا ڪن ليڪن پوءِ به اسان جي ماڻهن کي سنڌي عورتن کي سمجهڻ ۾ گهڻي مدد ٿا ڇين، جس آهي، گلبدن جاويد مرزا کي جنهن اهي 100 سوال جوڙيا ۽ اسان کي پنهنجي ڀينرن کي سمجهڻ ۾ مدد ڏياري. هيءُ ڪتاب اسان جي نئين نسل لاءِ به ڪارائتو ثابت ٿيندو جو هر ”سرتي“ سون جهڙي پنهنجي سوچ ۽ خيال ٻين کي ٻڌايو آهي.
تعليمي ماهر ۽ ليکڪه ڊاڪٽر پروفيسر ممتاز ڀٽو ڳالهائيندي چيو ته سنڌي ادبي بورڊ مان ٽي مئگزين مهراڻ، گل ڦل ۽ سرتيون نڪرن ٿا. وڏن تعليمي ۽ لٽرري ادارن جي سڃاڻپ اتان نڪرندڙ رسالن مان ڪري سگهجي ٿي. سرتيون سنڌي ادبي بورڊ جي سڃاڻپ آهي جنهن نه صرف عام عورت کي ادبي شعور ڏنو پر اتي پڙهندڙ شاگردياڻين ۾ هڪ اهڙي جاڳرتا ڏني ۽ ايتري همت افزائي ڪئي جو ڏسندي ڏسندي ڪيتريون ئي افسانه نگار، مضمون نويس ۽ شاعر پيدا ٿيو جن سنڌ ۾ نه صرف نالو ڪمايو پر ٻين کي به ڄاڻ ڏني. دعا آهي ته هي رسالا وڏن ويجهن ۽ سنڌ جي ماڻهن جي رهنمائي ڪن. ليکڪه ۽ تعليمي ماهر پرفويسر رشيده ڀٽي ڳالهائيندي چيو ته اڄ جي هن خاص موقعي تي مان پنهنجي هونهار شاگردياڻي گلبدن مرزا کي سندس سڀني سرتين سميت مبارڪباد ڏيان ٿي. اڄ مون اها گلبدن جيڪا تمام محنت ۽ جفاڪشي سان مون سان ويهي سائنس جي موضوع تي ۽ خاص طور منهنجي سبجيڪٽ ”علم بدن ۽ علم صحت“ جي باري ۾ انتظار ڪندي مضمون لکرائيندي هئي ته مان اً کيس ترقيءَ جون هي سڀ منزلون طئي ڪندي جڏهن سامهون ڳالهائيندي ڏسان پئي ته کيس وري به دل سان دعا ڏيان ٿي. شل اڃا به ترقي ڪري ۽ هميشه سندس قدم اڳيان وڌندا رهن. مون کي علم خاطر جاکوڙيندڙ ماڻهو وڻندا آهن ۽ انهن منجهان گلبدن آهي.
ليکڪه ڪلثوم قاضي ڳالهائيندي چيو ته اڄ سرتيون جو ميلو سرتين ڪرايو آهي ۽ هن ميلي کي تاريخي سرتيون ميلو ڪرڻ ۾ گلبدن جاويد جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي، چوڻ ۾ ته 30 سال سؤلا ٿا لڳن پر هن 30 سالن گلبدن کي جتي عزت ۽ نانءُ ڏنو آهي اتي ان جون 30 خوبصرورت بهارون پنهنجي نانءُ ڪيون آه. هن کي وڌ کان وڌ مبارڪون هجن جو هن سفر ۾ تڪيلفن جي باوجود به ڪامياب ۽ سرخرو ٿي. اسان سڀني سرتين جون دعائون گڏ اٿس.

403