انسان مان وڏي مهارت سان رت ڪڍندڙ ميڊيڪل روبوٽ تيار

news

نيوجرسي: (اربع 12 فيبروري 2020ع) رٽگرز يونيورسٽي ۽ مائونٽ سينائي هاسپيٽل جي ماهرن هڪ اهڙو ميڊيڪل روبوٽ ايجاد ڪري ورتو آهي جيڪو انسانن جي مقابلي ۾ وڌيڪ مهارت سان نس ڳولا ڪرڻ ۽ صحيح هنڌ تان رت ڪڍڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

جن ماڻهن جي ٻانهن جون نسون واضح هونديون ان جي لاءِ بلڊ ٽيسٽ جي وقت رت ڪڍڻ آسان هوندو آهي ڇو ته پهرين ئي ڪوشش ۾ ان جي نس ملي ويندي آهي پر ان معاملي ۾ ڪجهه ماڻهن کي سخت پريشاني ۽ تڪليف کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. ڇو ته ان جي ٻانهن جي نس ظاهر نه هوندي آهي جنهن ڪري اها تمام گهڻي مشڪل سان ملندي آهي.

اهڙي صورتحال ۾ ٿلهيون سيون جڏهن ان جي ٻانهن ۾ ٽي کان چار ڀيرا لڳايون وينديون آهن ته تڪليف سبب ان جون رڙيون نڪري وينديون آهن. هي روبورٽ خاص طور تي اهڙن ماڻهن جي تڪليف گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ٺاهيو ويو آهي. 31 مريضن جي ڪيل شروعاتي آزمائش جي دوران ان روبوٽ گڏيل طور تي 87 سيڪڙو بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو جڏهن ته نسون واضح ٿيڻ تي ان جي ڪارڪردگي 97 سيڪڙو ڏٺي وئي.

هي روبوٽ في الحال پرونوٽائپ مرحلي تي آهي. ٻانهن ۾ نس ڳولا ڪرڻ جي لاءِ الٽرا سائونڊ جو استعمال ڪندو آهي. هن کي ٺاهيندڙ ماهرن جو چوڻ آهي ته هي تيز رفتار، محفوظ ۽ ڀروسي جوڳي ايجاد آهي جيڪا مريضن کي غير ضروري پيچيدگين ۽ اضافي تڪليف کان بچائي ٿي.