پنو عاقل ۾ تعليمي ماھر عبداللطيف بلو عرف وفا بلو بيماري وگھي وفات ڪري ويو

news

پنوعاقل : سنڌي ادبي سنگت شاخ پنوعاقل جو سيڪريٽري، تعليمي ماھر عبداللطيف بلو عرف وفا بلو بيماري وگھي وفات ڪري ويو. عبداللطيف عرف وفا بلو شاعر سان گڏ ايم ايس پبلڪ اسڪول دادلو جو استاد ھو، جيڪو ڪجھ عرصي کان شگر جو مريض ھو،

گذريل ھڪ مھيني کان گردن جي عارضي م مبتلا ھو، جنھن سبب گذريل رات وفات ڪري ويو. جنھن جي جنازي نماز ڪوراۂي واري مدرسي م مفتي جميل احمد ڪوراۂي پڙھاۂي، ڊي او ايجوڪيشن سکر شھاب الدين انڍڙ، گسٽا، پ ٽ الف جي اڳواڻن، اديبن، صحافين، سياسي، سماجي، مذھبي اڳواڻن، شھرين ء بلا برادري جي سوين ماڻھن سردار مبين خان بلو، پريس ڪلب جو صدر نور محمد سومرو، ٽاۂون چيۂرمين شبير احمد شيخ، پ ٽ الف پنوعاقل جو صدر حزب اللہ چاچڙ، پريل دايو، ياسر عرفات بلو، بيخود بلوچ، اسد چاچڙ ء ٻين شرڪت ڪۂي،

مرحوم کي اباڻي قبرستان ڪوٽ بلا م مٽي ماء حوالي ڪيو ويو.