عالمي سوشل ميڊيا پليٽ فارمز جي پاڪستان ۾ رجسٽريشن لازمي قرار ڏني وئي

news

اسلام آباد: وفاقي ڪابينا نئين سوشل ميڊيا رولز جي منظوري ڏيندي سڀني عالمي سوشل ميڊيا پليٽ فارمز جي ٽن مهينن ۾ پاڪستان ۾ رجسٽريشن لازمي قرار ڏئي ڇڏي آهي.

دستاويزن موجب يوٽيوب، فيس بُڪ، ٽوئيٽر ۽ ٽڪ ٽاڪ سميت سڀئي ڪمپنيون رجسٽريشن ڪرائڻ جون پابند هونديون ۽ ٽن مهينن ۾ اسلام آباد ۾ آفيس قائم ڪرڻ لازمي هوندي.

ان کانسواءِ عالمي سوشل پليٽ فارمز ۽ ڪمپنين تي پاڪستان ۾ رابطا آفيسر مقرر ڪرڻ جي شرط لاڳو به ڪئي وئي آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارمز ۽ ڪمپنين کي هڪ سال ۾ پاڪستان ۾ ڊيٽا سرور ٺاهڻا پوندا.

قومي ادارن ۽ قومي سلامتي جي خلاف ڳالهه ڪندڙن خلاف ڪارروائي ٿي سگهندي، ٻاهرين ملڪ مان انهن ادارن کي آن لائن نشانو بڻائيندڙن خلاف به ڪارروائي جو اختيار هوندو. سوشل ميڊيا ڪمپنين کي ريگيوليٽ ڪرڻ جي لاءِ نيشنل ڪوآرڊينيشن اٿارٽي ٺاهي ويندي.

اٿارٽي هراس ڪرڻ، ادارن کي نشانو بڻائڻ ۽ پابندي پيل مواد جي شڪايت تي اڪائونٽ بند ڪري سگهندي. اٿارٽي سوشل ميڊيا ڪمپنين جي خلاف وڊيوز نه هٽائڻ تي ايڪشن کڻندي. جيڪڏهن ڪمپنين تعاون نه ڪيو ته انهن جي سروسز معطل ڪئي ويندي.

جيڪڏهن ڪمپنين رولز کي فالو نه ڪيو ته پنجاهه ڪروڙ تائين ڏنڊ ٿيندو. يوٽيوب سميت سوشل ميڊيا تي ٺاهيا ويندڙ مقامي پليٽ فارمز جي رجسٽريشن ڪرائڻ لازمي هوندي. قانون لاڳو ڪندڙ ۽ انٽيليجنس ادارا قابل اعتراض مواد تي ڪارروائي ڪري سگهندا.