ڄام نواز علي ۽ آسپاس ۾ رولو ڪتن ٻن ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو

news

ڄام نواز علي: نئون آباد شهر ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو  شهر ۾ رولو ڪتن  ٻن ڄڻن محمد راڄپر ۽ عامر علي لسڪاڻي کي چڪي  ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو جن کي زخمي حالت ۾ سرڪاري اسپتال  نئوآباد ۾  علاج لاء آندو جتي ويڪسين  نه هئڻ سبب ڄام نواز علي اسپتال موڪليو ويو.

جتي سرڪاري اسپتال ۾ کين ڇتي ڪتي جي ويڪسين ڪئي  وئي  شهر ۾ رولو ڪتن جي خلاف يوسي انتظاميه ڪي به اپاء نه ورتا آهن.

شهر ۾ رولو ڪتن جو آزار تمام گهڻو وڌي ويو آهي جنهن سبب شهري سخت پريشان آهن.