عبدالله شاهه غازي ڳوٺ ويجهو پيٽرول پمپ تي نوجوان تي تشدد بعد ساڙڻ جي ڪوشش، علائقي واسين جو احتجاج

news

ڪراچي: عبدالله شاهه غازي ڳوٺ ويجهو پيٽرول پمپ عملي نوجوان عبدالرحمان ولد صدرالدين کي تشدد جو نشانو بڻائڻ کانپوءِ پيٽرول هاري ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڀرپاسي ۾ بيٺل علائقي واسين نوجوان کي بچائي ورتو، پيٽرول پمپ عملي جي هر روز وڌندڙ بدمعاشي خلاف علائقي واسين احتجاج ڪندي چيو ته پيٽرول پمپ عملو هر آئي ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن سان وڙهي رهيو آهي،

هنن ٻڌايو ته پيٽرول پمپ عملو ٺڳي ڪري ماڻهن کي ڦري رهيو آهي ته اوهان جي گاڏي ۾ پيٽرول وجهي ڇڏيو آهي پر خالي پيٽرول جي پائيپ وجهي ماڻهن کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي ته پيٽرول اوهان جي گاڏي ۾ پئجي ويو جيڪا سراسر ناانصافي آهي،

هنن چيو ته عملي سان جڏهن ان بابت ڳالهايون ٿا ته هو وڙهڻ ٿا اچن، هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن فوري طور تي پيٽرول پمپ عملي جي وڌندڙ بدمعاشي جو نوٽيس نه ورتو ويو ته احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي،

هوڏانهن پيٽرول پمپ عملي طرفان زخمي ڪيل نوجوان عبدالرحمان صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پنهنجي موٽرسائيڪل ۾ پيٽرول ڀرائڻ جي لاءِ پيٽرول پمپ آيس، جتي مون عملي کي چيو ته 50 رپئي جو پيٽرول ڀريو ته هنن 50 جو پورو پيٽرول نه ڏنو جنهن تي عملي کان پڇا ڳاڇا ڪئي ته ائين ڇو پيا ڪيو جنهن تي هنن مونکي ۽ منهنجي ڀاءُ کي زخمي ڪيو،

زخمي نوجوان ميڊيا کي ٻڌايو ته تشدد کانپوءِ عملي پيٽرول هاري مونکي باهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي ڀرپاسي ۾ بيٺل ماڻهن بچائي ورتو، هن مطالبو ڪيو ته پيٽرول پمپ عملي جي اهڙي بدمعاشي جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي.