عمران خان جي خلاف هيليڪاپٽر ڪيس بند ڪرڻ بابت نيب جي پراسرار خاموشي

news

پشاور: (جمعو 14 فيبروري 2020ع)  قومي احتساب بيورو وزيراعظم عمران خان جي خلاف هيليڪاپٽر ڪيس بند ڪرڻ تي پراسرار خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي.

عمران خان مٿان الزام آهي ته هن تحريڪ انصاف جي اڳوڻي حڪومت ۾ خيبرپختونخواهه حڪومت جي ٻن هيليڪاپٽرن تي 18000 ڪلو ميٽر جو سفر 74 ڪلاڪن ۾ ڪيو جنهن سان قومي ناڻي کي نقصان پهتو. نيب ترجمان ۽ سرڪاري ذريعا خبر جي تصديق يا ترديد ڪرڻ کان پاسو ڪري رهيا آهن. ان دوران نيب جي ترجمان هڪ ڀيرو ٻيهر ان نمائندي کي انتظار ڪرڻ جو جواب موڪليو آهي ڇو ته هن اربع جي ڏينهن خميس جي صبح سرڪاري موقف ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو. پر خميس جي رات تائين نيب جو سرڪاري موقف نه ملي سگهيو پر نيب هيڊ ڪوارٽر جي ڀروسي جوڳا ذريعا هڪ دفعو ٻيهر دعويٰ ڪري رهيا آهن ته عمران خان جي خلاف هيليڪاپٽر اسڪينڊل ڪيس کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

هن نمائندي اربع جي ڏينهن نيب جي مرڪزي ترجمان کي ڪيترائي ڀيرا پيغام موڪليا، ٽيليفون ڪيا پر هن فون ٻڌڻ کان پاسو ڪيو پر پيغامن جو جواب موڪليو ته آفيس بند ٿي چڪي آهي ان ڪري خميس جي صبح مان سرڪاري موقف ڏئي سگهندس. پر خميس جي رات تائين نيب طرفان ڪوبه موقف سامهون نه آيو.

اربع جي ڏينهن ترجمان واٽس ايپ جي ذريعي ٻڌايو ته مذڪوره نمائندي آفيس بند ٿيڻ کان پوءِ موقف گهريو آهي ان ڪري ان جي موقف جو جواب نٿو ڏئي سگهان ان لاءِ خميس جي صبح تائين انتظار ڪيو وڃي ڇو ته قانون تحت لاڳاپيل ڊويزن جي موقف ملڻ کان پوءِ ئي ان کي اڳيان ڪري سگهجي ٿو ۽ هي هڪ بنيادي حق به آهي. ترجمان موجب خميس جي صبح ڪيس جي حوالي سان سرڪاري موقف فراهم ڪري ڇڏيو آهي.