سيوهڻ ۾ ناريءَ سان مبينا لڄالٽ وارو ڪيس: الزام هيٺ آيل معطل جج بيان قلمبند ڪرائي ڇڏيو

news

سيوهڻ: (جمعو 14 فيبروري 2020ع) سيوهڻ ۾ ناري سان مبينه زيادتي جي الزام ۾ معطل جج امتياز ڀٽو عدالت ۾ بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو.

رپورٽ موجب سيوهڻ ۾ پسند جي شادي ڪندڙ ناري سلميٰ بروهي سان سول جج امتياز ڀٽو پاران مبينا زيادتي ڪرڻ واري ڪيس ۾ الزام هيٺ آيل جج امتياز ڀٽو پڪي ضمانت ڪرائڻ ڄامشوري جي عدالت ۾ وڪيل سان گڏ پهتو. جتي هن گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست ۾ واڌ جي درخواست ڪئي. ان موقعي تي ڪيس جو جاچ آفيسر ڊي ايس پي اورنگزيب عباسي ۽ منير عباسي به عدالت ۾ موجود هئا. ٻڌڻي دوران  عدالت معطل ٿيل جج کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان نه بيان رڪارڊ ڪرائي رهيا آهيو ۽ نه ئي ڊي اين اي جي ٽيسٽ ڪرائي رهيا آهيو.

فاضل جج حڪم ڏنو ته اوهان پنهنجو بيان قلمبند ڪرايو ان کان پوءِ ضمانت ۾ واڌ واري درخواست ٻڌنداسين. جنهن کان پوءِ عدالت جي حڪم تي معطل سول جج عدالتي پراسيڪيوٽر جي موجودگي ۾ پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو جنهن ۾ هن چيو ته مون تي لڳايل سمورا الزام ڪوڙا آهن. بيان رڪارڊ ڪرائڻ کان پوءِ معطل جج عدالت ۾ ٻيهر پيش ٿيو جنهن تي جوابدار جي وڪيل درخواست ڪئي ته عدالت زيادتي جو الزام لڳائيندڙ ڇوڪريءَ جو بيان به وٺي.

عدالت حڪم ڏنو ته 21 تاريخ تائين جوابدار جج ڊي اين اي ڪرائڻ جو فيصلو ڪري. عدالت رمارڪس ۾ چيو ته جوابدار کي ڪنهن به ليبارٽري مان ڊي اين اي ڪرائڻ جو خرچ پاڻ برداشت ڪرڻو پوندو ان تي معطل جج ڊي اين اي جي لاءِ پنهنجي وڪيلن سان صلاح مشوري جو وقت گهريو جنهن کان پوءِ عدالت معطل جج جي درخواست تي ضمانت ۾ 21 فيبروري تائين واڌ ڪري ڇڏي.