پشاور: خيبرپختونخوا ۾ پوليو مهم جي شروعات ڪئي وئي آهي، پنجن ڏينهن تائين هلندڙ پوليو مهم جي دوران 67 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا قطرا پياريا ويندا.
صحت واري صوبائي وزير تيمور سليم جهڳڙا پوليو نه پياريندڙ والدين کي اپيل ڪئي آهي ته هو به پنهنجي ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا قطرا پيارين، جيئن انهن جا ٻار معذوري کان بچي سگهن.
پشاور ۾ پوليو کان بچاءُ واري مهم جو افتتاح صحت واري صوبائي وزير تيمور سليم جهڳڙا ٻار کي قطرا پياري ڪيو.
پنجن ڏينهن واري پوليو کان بچاءُ واري مهم دوران صوبي ۾ 67 لک 52 هزار 326 ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا قطرا پياريا ويندا.
ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي صحت واري صوبائي وزير جو چوڻ هو ته حڪومت پوليو وائرس جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي.
پوليو مهم جي لاءِ 2 هزار کان وڌيڪ ٽيمون جوڙيون ويون آهن، جڏهن ته سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن.
خيبرپختونخوا ۾ هلندڙ سال هن وقت تائين پوليو جا 6 ڪيسز رپورٽ ڪيا ويا آهن.