عالمي سطح تي دفاعي خرچن ۾ اضافو، آمريڪا ۽ چين سڀني کان اڳيان

news

پئرس: عالمي طور تي 2019ع ۾ دفاعي خرچن ۾ 4 سيڪڙو تائين اضافو ٿيو آهي، جيڪو گذريل 10 سالن ۾ سڀني کان وڌيڪ آهي، جڏهن ته آمريڪا ۽ چين دفاعي خرچن ۾ سڀ کان وڌيڪ واڌارو ڪيو.

فرانسيسي خابرو اداري موجب چين پنهنجي فوج کي جديد ڪرڻ جي پروگرام تي عمل ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ آساني سان نه ڳولڻ وارا هائپر سانڪ ميزائل به شامل آهن ۽ ان ئي سبب آمريڪا به پنهنجي دفاعي خرچن ۾ اضافو ڪري رهيو آهي.

آءِ آءِ ايس ايس جي ساليانا فوجي توازن رپورٽ موجب آمريڪا پنهنجي دفاع جي لاءِ 2018ع کان 2019ع ۾ دفاعي خرچن ۾ 53.4 ارب ڊالر جو اضافو ڪيو، جيڪو برطانيا جي مجموعي دفاعي بجيٽ جي برابر آهي.

رپورٽ موجب چين ۽ آمريڪا ٻنهي دفاعي خرچن ۾ 6.6 سيڪڙو تائين اضافو ڪيو، جڏهن ته يورپي ملڪ جن کي روس جي حوالي سان خدشا آهن، انهن 4.2 سيڪڙو تائين اضافو ڪيو آهي.

يورپي ملڪن طرفان اهو اضافو انهن ملڪن جي دفاعي خرچن کي 2008ع جي سطح تي آڻي ڇڏيا آهن، جڏهن عالمي مالياتي بحران سبب انهن ملڪن جي بجيٽ ۾ گهٽتائي ڪرڻي پئجي وئي هئي.

اولهه دفاعي اتحاد (نيٽو) جي ميمبر يورپي ملڪ پنهنجي حڪومتن تي دفاعي خرچن ۾ اضافي جي لاءِ زور ڏئي رهيا آهن ته جيئن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جا خدشا به ختم ٿي سگهن، جيڪو سدائين اهو چوندو آهي ته نيٽو ۾ شامل ٻيا ملڪ آمريڪا جي پئسن تي هلي رهيا آهن.

صدر ٽرمپ يورپ جي اتحاد ۽ خاص طور تي جرمني تي تنقيد ڪئي آهي ته هو 2014ع جي نيٽو جي معاهدي تي عمل نه پيو ڪري، جنهن تحت ان کي دفاع تي مجموعي طور تي ملڪي پيداوار (جي ڊي پي) جو 2 سيڪڙو خرچ ڪرڻ گهرجي.