ڪوما ۾ بيهوش رهندڙ مريضن کي جاڳائڻ ممڪن بڻجي ويو

news

آمريڪا: هاڻ کان ڪجهه مهينا اڳ هڪ ماهر مغز ۾ هڪ گوشو دريافت ڪيو هو ۽ هاڻ تازي خبر اها آهي ته دماغ جي گهرائي ۾ هڪ گوشي بابت معلوم ٿيو آهي ته هي شعور جو سوئچ آهي جنهن کي بجليءَ جي هلڪي مقدار سان سرگرم ڪري سگهجي ٿو.

هيءَ صدي ايڪيهين صدي هئڻ باوجود اڃان به اسان دماغ جي گوشن کان واقف ناهيون، ان حوالي سان يونيورسٽي آف وسڪانسن، ميڊيسن جي سائنسدانن مڪاڪ باندرن تي دلچسپ تجربا ڪيا آهن جنهن جو تفصيل جرنل نيورون ۾ ڇپيو آهي، هن دوا جي ذريعي بيهوش ڪيل باندرن جي هڪ دماغي گوشي سينٽرل ليٽرل ٿيليمس تي 50 هرٽز جي فريڪوئنسي جي بجليءَ جا جهٽڪا ڏنا ته هو مڪمل طور تي نارمل سجاڳ ٿي پيا.

تحقيق ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ پروفيسر يوري سالمان چيو آهي ته دماغ جي ان سنهي حصي کي اسان عين قدرتي انداز ۾ بجلي ڏني ته جانور جاڳي پيا ۽ جيئن ئي دماغ ۾ سرگرمي روڪي وئي ته هو جلد ئي بيهوش ٿي ويا.

اميد آهي ته ان دريافت کانپوءِ نه فقط ڊگهي وقت تائين ڪوما ۾ بيهوش رهندڙ مريضن کي جاڳائڻ ممڪن ٿي ويندو پر ماڻهن کي چڱو ڀلو ڪرڻ جا اوزار به تيار ڪري سگهبا.