گري لسٽ مان پاڪستان جي نڪرڻ جا امڪان، اجلاس اڄ ٿيندو

news

پيرس: ايف اي ٽي ايف جو اڄ اهم اجلاس پيرس ۾ شروع ٿيندو، اجلاس ۾ پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍڻ جو امڪان آهي، پاڪستان به سفارتي محاذ تي 12 ملڪن کي پنهنجي حق ۾ ووٽ لاءِ راضي ڪري ورتو آهي.

پيرس ۾ 37 ملڪن تي مشتمل فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ اقتصادي معاملن جي وفاقي وزير حماد اظهر جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستاني وفد هدف تي عمل کان آگاهه ڪندو، ذريعن جو چوڻ آهي ته گري لسٽ مان نڪرڻ لاءِ پاڪستان 12 ملڪن کي پنهنجي حق ۾ ووٽ لاءِ راضي ڪري ورتو آهي جڏهن ته چين ترڪي ۽ ملائيشيا اڳ ئي حمايت ڪري چڪا آهن.

ياد رهي ته ايف اي ٽي ايف پاڪستان کي جون 2018ع دوران گري لسٽ ۾ شامل ڪري 27 ايڪشن پلانز تحت سيپٽمبر 2019ع جو وقت ڏنو هو پر بعد ۾ 3 مهينن جو وڌيڪ وقت پڻ ڏنو ويو هو.