ٽنڊو محمد خان ۾ صحافي عزيز ميمڻ جي قتل واري واقعي خلاف صحافين پاران احتجاج

news

ٽنڊومحمدخان: ٽنڊومحمدخان ۾ محراپور جي  نجي ٽي وي جي رپورٽر بهادر شهيد صحافي عزيز ميمڻ جي قتل واري واقعي خلاف پريس ڪلب آڏو پريس ڪلب جي شيخ پريس ڪلب جي  صدر مظفر رند  جنرل سيڪريٽري جبار بلوچ . سينئر صحافي  . غلام نبي ڪيريو . سينئر صحافي عبدالڪريم رمضان شورو رائو غلام حسين شعيب ڪيريو  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي جلوس ڪڍي  مظاهرو ڪيو ويو.

مظاهري کي اڳواڻن خطاب ڪندي بهادر دلير شهيد صحافي عزيز ميمڻ جي قاتلن جي فوري طور گرفتاري جو مطالبو ڪندي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ايوانن آڏو احتجاجي مظاهرن ڌرڻن جو اعلان ڪندي قاتلن جي گرفتاري تائين احتجاج جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي.