ڊيرا اسماعيل خان ۾ پوليس موبائل ويجهو ڌماڪو، هڪ اهلڪار شهيد

news

ڊيرا اسماعيل خان: (اڱارو 18 فيبروري 2020ع)  ڪلاچي ۾ پوليس موبائل ويجهو ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار شهيد جڏهن ته 2 زخمي ٿي پيا.

رپورٽ موجب ڊيره اسماعيل خان جي تعلقي ڪلاچي جي يونين ڪائونسل مڊي ۾ پوليس موبائيل ويجهو ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ موبائل ۾ ويٺل هيڊ ڪانسٽيبل شهيد جڏهن ته 2 اهلڪار زخمي ٿي پيا. سيڪيورٽي اختيارين جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ موجب پوليس موبائل کي روڊ ڪناري تي پهريان کان لڳل بارودي مواد جي ذريعي نشانو بنايو ويو.

شهيد ٿيندڙ هيڊ ڪانسٽيبل جو نالو رياض جڏهن ته زخمين ۾ هيڊ ڪانسٽيبل شڪيل ۽ ڊرائيور عطاءُالله شامل آهن. علائقي کي هر قسم جي اچ وڃ لاءِ بند ڪيو ويو آهي جڏهن ته سيڪيورٽي فورس طرفان سرچ آپريشن جاري آهي.

ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر (ڊي پي او) واحد محمود ٻڌايو ته ڪلاچي جي علائقي ۾ پوليس موبائل جي ويجهو ڌماڪو ٿيو، پوليس موبائل پوليو ٽيم جي سيڪيورٽي تي مقرر هئي.

ڊي پي او موجب ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ۽ 2 زخمي ٿيا آهن، جن کي طبي امداد لاءِ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.