ڪراچي: ڪياماڙي ۾ زهريلي گئس پکڙجڻ سبب فوتين جو انگ نو ٿي ويو

news

ڪراچي: (اڱارو 18 فيبروري 2020ع) ڪراچي ۾ زهريلي گيس جي ليڪيج سبب فوتين جو انگ 9 ٿي ويو آهي. جڏهن ته 200 کان وڌيڪ متاثر آهن جن کي شهر جي مختلف اسپتالن ۾ طبي امداد ڏني پئي وڃي.

فلاحي تنظيم ايدهي موجب رات دير سان ڪياماڙي جي اسپتال ۾ 70 کان وڌيڪ مريضن آند اويا جڏهن ته 27 متاثر ماڻهن کي جناح اسپتال ۽ 2 کي ڪتيانه ميمڻ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ايڌي ذريعن موجب ضياءُالدين اسپتال ڪراچي ۾ اڃان به 4 مريضن جو علاج جاري آهي.

فوت ٿي ويلن جي سڃاڻپ معمار بي بي، ياسمين، رضوان، عظيم اختر، احسن، رابش 35 ساله زيب النساءَ، 40 ساله عمران ۽ 50 ساله يوسف جي نالن سان ٿي آهي. ضياءُالدين اسپتال ۾ 24 ڪلاڪن دوران هڪ سئو کان وڌيڪ ماڻهن کي منتقل ڪيو ويو آهي. سول، جناح ۽ برهاني اسپتال ۾ به متاثر ماڻهن کي داخل ڪيو ويو هو. ڪياماڙي ۾ پکڙجندڙ پراسرار زهريلي گيس ڪراچي جي ٻين علائقن کي به پنهنجي وڪڙ ۾ آڻڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.

رپورٽن موجب موتمار زهريلي ڪيميڪل سبب آلوده هوا ڪياماڙي مان نڪري کهارا در ۽ رنڇوڙ لائين تائين پهچي وئي آهي. رپورٽن موجب جناح اسپتال ۾ 10 ۽ سول اسپتال ۾ 6 متاثرين منتقل ڪيا ويا آهن جنهن کان پوءِ متاثرين جو ٽوٽل انگ 220 تائين پهچي ويو آهي.

ميڊيا کي ملندڙ انگن اکرن موجب صرف ضياءُالدين اسپتال آندل متاثرين جو گڏيل انگ 170 کان ٽپي ويو آهي جڏهن ته ڪتيانه ميمڻ اسپتال ۾ 22، جناح اسپتال ۾ 18 ۽ سول اسپتال ۾ اٺ متاثرين کي داخل ڪيو ويو آهي.

ڪراچي جي اسپتالن تصديق ڪئي آهي ته وقفي وقفي سان وڌيڪ مريضن جي اچڻ جو سلسلو جاري آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه واقعي جو فوري طور تي  نوٽيس وٺندي ڪمشنر ڪراچي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. سنڌ جي وڏي وزير متاثر ماڻهن جو بهترين علاج ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ ڊاڪٽرن کي اسپتالن ۾ موجودگي کي يقيني بنائڻ جو چيو آهي.

پوليس موجب زهريلي گيس سان ٿيندڙ فوتگين ۽ متاثرين کي ساهه کڻڻ ۾  پريشاني پيش اچي رهي آهي جڏهن ته حقيقتون سامهون اچڻ کان اڳ ڪجهه نٿو چئي سگهجي.