چين ۾ ڪورونا وائرس جي علاج لاءِ طبي آزمائشون شروع

news

بيجنگ: (اڱارو 18 فيبروري 2020ع)  چين ۾ ڪورونا وائرس جي وبا کان پوءِ هاڻ صرف چين ۾ ئي ان وائرس جي علاج لاءِ لڳ ڀڳ 80 طبي آزمائشون جاري آهن جنهن کي سائنسي زبان ۾ ڪلينڪل ٽرائل چيو ويندو آهي.  پر ان ۾ ڪجهه طبي آزمائشن ۾ معطلي کي منهن ڏيڻو پيو آهي.

هن نئين وائرس کي Covid-19  جو نالو ڏنو ويو آهي.  جنهن جي هڪ طرف ويڪسين ٺاهڻ جون ڪوششون جاري آهن ته پاڻ  سڄي دنيا ۾ ان موثر علاج تي زور ڏنو پيو وڃي. هينئر تائين ڪورونا وائرس 1700 کان وڌيڪ زندگيون وٺي چڪو آهي ۽ صرف چين ۾ ئي 50 هزار کان وڌيڪ مرض ان مان متاثر ٿي چڪا آهن. جڏهن ته دنيا ۾ هزارين مريض موجود آهن. چين ۾ طبي آزمائش جي دوران هزارين سال قديمي روايتي نسخن، جڙي ٻوٽين کان وٺي جديد طبي دوائون ۽ طريقيڪار تي غور ڪيو پيو وڃي.

هينئر تائين ڪورونا وائرس جو موثر علاج سامهون ناهي اچي سگهيو. پر عالمي ماهرن چيني ڪاوشن تي تبصرو ڪندي حد کان وڌيڪ احتياط جو مشورو ڏنو آهي ڇو ته ان کان پوءِ ئي ڪا دوا سامهون اچي سگهندي. صحت واري عالمي اداري(ڊبليو ايڇ او) سان لاڳاپيل سائنسدان سوميا سوامي ناٿن چيو آهي ته چين جي تجربن تي اسان جي نظر آهي ۽ اسان انهن لاءِ رهنمائي، هدايتون(پروٽوڪولز) واضح ڪري رهيا آهيون ته جيئن ان کي فوري طور تي سڄي دنيا جي تجربيگاهن ۾ موڪلي سگهجي جتي ڪورونا وائرس جي علاج جو ڪم جاري آهي. 

هن وڌيڪ چيو ته هن وقت چين 600  ماڻهن تي تحقيق ڪري رهيو آهي جيڪڏهن سائنسي تدبيرون ۽ ضابطن جو  خيال نه رکيو ويو ته هي سموري محنت بيڪار ويندي. ان ۾ ڪنٽرول گروپ، نتيجا، مريضن جي بحالي يا صحت وڌيڪ خراب ٿيڻ جا سمورا تفصيل شامل  ڪرڻ تمام گهڻو ضروري آهن.  هوڏانهن اها به اميد ڪئي پئي وڃي ته ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ ڪورونا وائرس جي موثر علاج جي ڪا سٺي خبر ملي سگهندي.