پي ايس ايل: ٽيمن کي ڪرپشن کان بچڻ لاءِ مختلف هدايتون ڏيڻ جو سلسلو شروع

news

ڪراچي: (اڱارو 18 فيبروري 2020ع) پي ايس ايل ۾ شرڪت ڪندڙ ٽيمن کي فڪسنگ کان پري رهڻ جو سبق ڏياريو ويو. رپورٽ موجب پاڪستان سپر ليگ جو پنجون ايڊيشن خميس تي شروع ٿيندو. ان کان اڳ ٽيمن کي اينٽي ڪرپشن ليڪچرز ڏيڻ جي سلسلي جي شروعات ٿي وئي آهي.

رپورٽ موجب گذريل ڏينهن لاهور ۾ قلندرز ۽ ملتان سلطانز جي رانديگرن ۽ ٻئي اسٽاف کي ليڪچر ڏنا ويا. ذريعن موجب چيف آپريٽنگ آفيسر پي سي بي سلمان نصير ٻنهي ٽيمن کي ڪرپشن جي نقصانن جو سبق ياد ڏياريو. هن شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته بورڊ جو اينٽي ڪرپشن ڪوڊ ويب سائٽ مان ڊائون لوڊ ڪري سگهجي ٿو. ان کي پڙهي اندازو ٿي ويندو آهي ته منفي عناصرن کان پري رهڻ ڪيترو ضروري آهي.

سلمان نصير رانديگرن کي شڪي ماڻهن سان ملاقات ۽ تحفا وٺڻ کان به منع ڪيو آهي. ٻنهي فرنچائزز کي پي سي بي جي ڊائريڪٽر ميڊيسنز اينڊ اسپورٽس سائنسز ڊاڪٽر سهيل سليم ڊوپنگ تي ليڪچر به ڏنو. ايونٽ ۾ شرڪت ڪندڙ ٻين ٽيمن ڪراچي ڪنگز، ڪوئٽه گليڊي ايٽرز، اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ پشاور زلمي جي اينٽي ڪرپشن ليڪچر اربع  تي ڪراچي ۾ ٿيندا.

ٻئي طرف انٽيگريٽي آفيسرن به ٽيمن کي جوائن ڪرڻ شروع ڪيو. سمورن  جو تعلق پاڪستان سان ئي آهي پي سي بي ترجمان موجب هنن سڀني جي مقرري اشتهار ڏيڻ کان پوءِ ڪئي وئي. ڇو ته هي پاڪستان جو ڊوميسٽڪ ايونٽ آهي. ان لاءِ آءِ سي سي جو اينٽي ڪرپشن يونٽ شامل نه هوندو.