ڏکڻ آفريڪي رانديگر ڪولن انگرام کي پي ايس ايل دوران دلچسپ مقابلن جي اميد

news

ڪراچي: (اڱارو 18 فيبروري 2020ع) ڏکڻ آفريڪا سان تعلق رکندڙ اسلام آباد يونائيٽيڊ جي رانديگر ڪولن انگرام پاڪستان ۾ جلد انٽرنيشنل ڪرڪيٽ مڪمل طور تي بحال ٿيڻ جي اميد ظاهر ڪري ڇڏي آهي.

ان موجب پي ايس ايل 5 ۾ دلچسپ مقابلن جو امڪان آهي. يو بي ايل گرائونڊ تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي 34 ساله رانديگر انگرام چيو آهي ته مان ڇهون ڀيرو پاڪستان آيس ۽ هر ڀيري جيان هن وقت به تمام گهڻي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان. هي هڪ محفوظ ۽ ڪرڪيٽ جي لاءِ بهترين ملڪ آهي. اميد آهي ته سموريون انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ٽيمون هتان جو دورو ڪنديون.

هڪ سوال تي انگرام چيو ته پي ايس ايل 5 ۾ دلچسپ مقابلا ٿيندا ليگ ۾ شامل سموريون 6 ٽيمون سٺن رانديگرن تي ٻڌل آهن. اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ٽيم ۾ تجربيڪار رانديگرن سان گڏ اڀرندڙ نوجوان رانديگر به موجود آهن. هيڊ ڪوچ مصباح الحق جي اڳواڻي ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ سٺا نتيجا پيش ڪندي.

هن وڌيڪ چيو ته مان هميشه پاڪستاني  ميزباني مان مزو ورتو آهي. هن ڀيري به منهنجي بهتر انداز ۾ آجيان ڪئي وئي. پاڪستان جا ماڻهو تمام گهڻي محبت ڪندڙ ۽ ڪرڪيٽ سان گهڻي محبت رکن ٿا. اميد آهي ته تماشائين جو جوش ۽ ولولو پي ايس 5 جون رونقون وڌائيندو.