چين ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ ٽيانوي ڄڻا فوت، فوتين جو انگ ارڙنهن سئو اٺهٺ ٿي ويو

news

بيجنگ: (اڱارو 18 فيبروري 2020ع) چين ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 93 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ هاڻ هن وائرس سبب فوتين جو انگ 19 سئو 68 ٿي ويو آهي.

ڪورونا وائرس جي متاثر ماڻهن جو انگ 72 هزار 436 آهي. رپورٽ موجب چين ۾ ڪورونا وائرس جو خوف ختم نه ٿيو. وڌيڪ 93 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا. وڌيڪ فوتگيون صوبي هبئي ۾ ٿيون آهن. وڌيڪ 1886 چيني به وائرس جي وڪڙ ۾ اچي ويا آهن.

چيني هيلٿ ڪميشن موجب وائرس جي متاثر مريضن جو انگ 72 هزار 436 کان وڌيڪ ٿي ويو آهي جن ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف به شامل آهي. ڪورونا جو شڪار هڪ هزار ستانوي مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جڏهن ته سترنهن سئو هڪ مريضن کي صحتيابي کان پوءِ گهرن ڏانهن موڪليو ويو آهي.

ڪورونا وائرس مان چين کان  علاوه تائيوان، فلپائن، هانگ ڪانگ، جاپان ۽ فرانس ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.