آمريڪا ۽ ترڪي جي ڌمڪين باوجود ڪارروايون جاري رکنداسين: بشارالاسد

news

دمشق: (اڱارو 18 فيبروري 2020ع) شام جي صدر بشارالاسد آمريڪا ۽ ترڪي جي دٻاءُ کي رد ڪندي ادلب ۾ ويڙهاڪن خلاف ڪارروايون جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي.

عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب شام جي صدر بشارالاسد سرڪاري ٽيليويزن تي پنهنجي خطاب ۾ ادلب ۽ حلب ۾ ويڙهاڪن جي خلاف فوجي ڪارروايون  جاري رکڻ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اتر(ترڪي) ۽ آمريڪا مان  ملندڙ ڌمڪين کان نٿو ڊڄان.

صدر بشارالااسد وڌيڪ چيو ته پنهنجي ملڪ جي سرحدن جي بچاءُ ۽ اندروني خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪنهن سان به مشورو يا اجازت وٺڻ جي ضرورت محسوس ناهيون ڪندا.

بهادر فوجي جوانن پنهنجي جانين جا  نذرانا ڏئي ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو ڪيو اسان آخري  فتح تائين ڪارروايون جاري رکنداسين.