خيبرپختونخوا اسيمبلي ۾ هنگامو، حڪومتي ۽ مخالف ڌر جا ميمبر هٿين پئجي ويا

news

پشاور: خيبرپختونخوا اسيمبلي اجلاس هڪ دفعو وري هنگامي جي نظر ٿي ويو. ميمبرن هڪٻئي کي ڌڪا ڏنا ۽ اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراءُ ڪيو.

رپورٽ موجب خيبرپختونخوا اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر مشتاق غني جي صدارت هيٺ شروع ٿيو ته حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن وچ ۾ منهن ماري ٿي پئي. اپوزيشن ميمبرن بينچن تان اٿي بيهي ڊيسڪ وڄائڻ شروع ڪري ڏنو.

اپوزيشن اسپيڪر ڊائيس جو گهيراءُ ڪيو ته حڪومتي ميمبر به پهچي ويا. اتي موجود سيڪيورٽي اهلڪارن صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

ان موقعي تي حڪومتي ميمبر فضل حڪيم ۽ اپوزيشن ميمبر بهادر خان هٿين پئجي ويا. صوبائي وزير شوڪت يوسفزئي معاملي کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي.

اسيمبلي ميمبر نگهت اورڪزئي پنهنجي ڊيسڪ تي مسلسل بيٺل رهي ته اسپيڪر مشتاق غني ان کي تنبيهه ڪندي چيو ته جيڪڏهن اهو رويو رکيو ويو ته مون وٽ اختيار آهي ته آئون توهان کي سڄي سيشن لاءِ معطل ڪري سگهان ٿو. اپوزيشن ميمبر غيرذميواراڻو رويو اختيار نه ڪن ۽ پنهنجي حلف جي پاسداري ڪن.

اجلاس ۾ هنگامي دوران ئي قانون وارو وزير سلطان محمد ايراضي حاصل ڪرڻ وارو ترميمي بل پيش ڪيو، جنهن کي منظور ڪيو ويو. اسپيڪر اجلاس جمعي جي ڏينهن تائين معطل ڪري ڇڏيو.