خواهش آهي ته فينز پي ايس ايل جو خوب مزو وٺن:وسيم اڪرم

news

ڪراچي: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان، سوئنگ جي سلطان ۽ پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) ٽيم ڪراچي ڪنگز جي صدر وسيم اڪرم جي خواهش آهي ته پاڪستاني ڪرڪيٽ فينز پي ايس ايل دوران خوب مزو وٺي، هر ميچ ۾ ڀرپور شور مچائي ۽ ڪرڪيٽ کي انجواءِ ڪري.

وسيم اڪرم چيو آهي ته پي ايس ايل سبب پاڪستان جو اميج بهتر ٿيو آهي، هيءَ دنيا جي ٽاپ ليگز مان هڪ آهي، آءِ پي ايل کانپوءِ بگ بيش ۽ پي ايس ايل جو نالو اچي ٿو ۽ هاڻ پاڪستان ۾ اچڻ بعد هي بگ بيش کان به بهتر ٿيندي.

هن پنهنجي دل جي خواهش ظاهر ڪندي چيو ته هر ميدان ۾ وڏو هجوم هجي ۽ عوام وڏو شور مچائي ته جيئن ڪرڪيٽ کي هرڪوئي انجواءِ ڪري. 

هڪ سوال تي اڳوڻي ڪپتان چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ لاءِ هي تمام گهڻو اهم آهي ته هاڻ سموري ليگ پاڪستان ۾ ٿي رهي آهي، ان سان پاڪستان ڪرڪيٽ کي وڏو فائدو ٿيندو، خاص طور تي انهن ماڻهن لاءِ هي موقعو اهم آهي جيڪي وڏي عرصي کان ڪرڪيٽ جي انتظار ۾ هئا.