ڪراچي ۾ زهريلي گئس سبب فوت ٿيندڙ ماڻهن جي رت جي نمونن ۾ سويابين ڊسٽ جو انڪشاف

news

ڪراچي: ڪياماڙي ۾ مبينا زهريلي گئس ڦهلجڻ سبب فوت ٿيندڙ ماڻهن جي خون جي نمونن ۾ سويابين ڊسٽ جو انڪشاف ٿيو آهي.

ذريعن موجب فوت ٿيندڙ ماڻهن جي رت جي نمونن جي جاچ پڙتال مڪمل ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ريسرچ انسٽيٽيوٽ ڊپارٽمينٽ ڪراچي يونيورسٽي رپورٽ تيار ڪري ورتي آهي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته فوت ٿيندڙ ماڻهن جي رت جي نمونن ۾ سويابين ڊسٽ جو انڪشاف ٿيو آهي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سويابين ڊسٽ جو مسئلو 2 سال پهرين اسپين ۾ ٿيو هو، جتي ڪيترائي ماڻهو متاثر ٿيا هئا.

ڪراچي يونيورسٽي رپورٽ تيار ڪري ڪمشنر ڪراچي کي موڪلي ڇڏي آهي، جڏهن ته واقعي تي سرڪاري سطح تي اڃا ڪا واضح ۽ حتمي رپورٽ ناهي ڏني وئي.

مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته ڪياماڙي جي واقعي تي ڪراچي يونيورسٽي جي ماهرين رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن موجب واقعو سويابين ڊسٽ سبب پيش آيو آهي.

ٻئي طرف پوليس ذريعن ٻڌايو آهي ته اڄ سامونڊي جهاز مان سويابين جي آف لوڊنگ روڪرائي ڇڏي آهي، جنهن بعد علائقي جي مانيٽرنگ ڪئي پئي وڃي.

ٻئي طرف ريسڪيو ذريعن موجب علائقي ۾ شام کانپوءِ هن وقت تائين ڪو به ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو.

ياد رهي ته آچر جي شام کان ڪياماڙي ۾ مبينا زهريلي گئس سبب هن وقت تائين 14 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، جن ۾ عورتون به شامل آهن.

زهريلي گئس سبب علائقي جا سوين ماڻهو متاثر ٿيا آهن، جن مان اڪثر هاڻ به اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن، جڏهن ته ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي اسپتال ۾ 10 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.