شام ۾ باغين جي ڪنٽرول هيٺ علائقي مان اجتماعي قبر دريافت

news

دمشق: شامي فوج دمشق ويجهو باغين جي قبضي هيٺ اڳوڻي علائقي مان 70 لاشن تي ٻڌل اجتماعي قبر ملڻ جو انڪشاف ڪيو آهي.

سعودي گزيٽ جي رپورٽ ۾ شام جي سرڪاري نيوز ايجنسي صنعا نيوز جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته اجتماعي قبر اُڀرندي علائقي غوطه مان ملي آهي.

ان ڏس ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته مارجي ويلن ۾ عام شهري ۽ سيڪيورٽي اهلڪار هئا، جن کي دهشتگردن جي گروهن ڦاهيون ڏنيون.

سرڪاري خابرو ايجنسي هڪ سينيئر پوليس آفيسر جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته اهي قتل 2012ع ۽ 2014ع جي وچ دوران ٿيا آهن.

 ٻڌايو پيو وڃي ته ڊوما جي ويجهو اجتماعي قبر هڪ اهڙي علائقي ۾ هئي، جتي باغي گروپ جيش الاسلام جو ڪنٽرول هو.