ٽرمپ جي دوري سبب ڪچي آبادين جي رهواسين کي علائقي ڇڏڻ جا نوٽيس جاري

news

نئين دهلي: ڀارتي انتظاميا آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي دوري سبب ڪچي آبادين جي رهواسين کي علائقي ڇڏڻ جا نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. جڏهن ته ڪجهه ڪچي آبادين جي پاسن کان ڊگهي ڀت تعمير ڪئي وئي آهي.

رپورٽ موجب آمريڪي صدر 24 فيبروري تي ڀارت جو دورو ڪندو.

احمد آباد جي ضلعي انتظاميا ٽرمپ جي متوقع آمد سبب ڪچي آباد جي رهواسين کي فوري طور جڳهه ڇڏي وڃڻ جو نوٽيس ڏنو ويو آهي.

واضح رهي ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ۽ آمريڪي صدر احمد آباد جي موتيرا اسٽيڊيم ۾ منعقد ”ڪيسي هوا ٽرمپ“ نالي تقريب ۾ شرڪت ڪندا، جڏهن ته ڄاڻايل اسٽيڊيم سان گڏ وڏي پيماني تي ڪچي آبادي آهي.

ٻئي طرف گجرات رياست ۾ ڪچي آبادي جي پاسن کان هڪ هزار 312 فوٽ ڊگهي ۽ 7 فوٽ اوچي ڀت تعمير ڪئي وئي آهي، جيئن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جون نظرون ڪچي آبادي تي نه پون.

ٻئي طرف سرڪاري اختيارين موجب احمد آباد جي انتظاميا آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پهرين ڀارتي دوري جي تيارين جي سلسلي ۾ هڪ ڪروڙ 20 لک ڊالر خرچ ڪري رهي آهي.