ڪياماڙي واقعو: جاچ مڪمل ٿيڻ تائين ڪجهه نٿو چئي سگهجي: ناصر شاهه

news

ڪراچي: (اربع 19  فيبروري 2020ع) مڪاني ادارن واري کاتي جي صوبائي وزير ناصر  شاهه چيو آهي ته  ڪياماڙي واقعي جي جاچ  ڪميٽي جي فائنڊنگ اچڻ تائين ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ هوندو ته هي واقعو ڪيئن پيش آيو.

گذريل ڏينهن سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو هو ته ڪياماڙي جي واقعي تي جامعه ڪراچي جي ماهرن رپورٽ جمع ڪرائي آهي جنهن موجب واقعو سويابين ڊسٽ سبب پيش آيو.

جڏهن ته پوليس طرفان به تصديق ڪئي وئي هئي ته ڪياماڙي ۾ شهرين جي موت جو سبب بنجندڙ هوا ۾ آلودگي ڪراچي بندرگاهه تي بحري جهاز مان سويابين جي آف لوڊنگ سبب پيدا ٿي رهي هئي ۽ اها اپلوڊنگ هاڻ روڪرائي وئي آهي.

صحافين سان ڳالهيون ڪندي ناصر شاهه چيو ته ڪياماڙي ۽ ڀرپاسي وارا علائقا گيس سبب متاثر ٿيا آهن. ان تي ڪمشنر ڪراچي جي اڳواڻي ۾ جاچ ڪميٽي ٺاهي وئي آهي جيستائين ڪميٽي جي فائنڊنگ نه اچي ۽ جاچ مڪمل نه ٿئي تيستائين حتمي طور ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ هوندو.

هن چيو ته متاثر علائقن ۾ هن وقت اهڙي صورتحال ناهي جو اتان لڏ پلاڻ ڪئي وڃي.