عورت سان زيادتي: جوابدار جج عدالتي حڪم تي به ڊي اين اي نه ڪرايو

news

سيوهڻ: (اربع 19  فيبروري 2020ع) عورت سان چيمبر ۾ مبينه زيادتي ڪندڙ جج عدالتي حڪمن کان پوءِ به ڊي اي نه ڪرايو.

مبينه زيادتي ڪيس ۾ عورت سلميٰ بروهي کي عدالت ٻيهر بيان ڏيڻ جي لاءِ جڏهن ته معطل سول جج  جوابدار امتياز ڀٽو کي به ڊي اين اي جي لاءِ ٻيهر سمن جاري ڪيو آهي.

گذريل ٻڌڻي ۾ عدالت معطل ٿيل جج امتياز ڀٽو کي حڪم ڏنو هو ته هو 21 فيبروري تائين لمس يا ڪنهن به نجي ليبارٽري مان ڊي اين اي ڪرائي ۽ ان جي رپورٽ پيش ڪري پر معطل ٿيل جج امتياز ڀٽو اڃان تائين پنهنجو ڊي اين اي ناهي ڪرايو.

واضح رهي ته چيمبر ۾ عورت سان زيادتي جي ڪيس ۾ معطل جج امتياز ڀٽو سيشن جج ڄامشورو جي عدالت ۾ گرفتاري کان اڳ ضمانت ۾ واڌ جي درخواست ڏني آهي.