سبي ميلي جي دعوت نامي واري بينر تي عمران خان جي بجاءِ نوازشريف جي تصوير لڳائي وئي

news

ڪوئٽه: (اربع 19  فيبروري 2020ع) سبي ميله انتظاميه جي وڏي غلطي، دعوت نامي تي عمران خان جي بجاءِ نوازشريف جي تصوير وارو بينر ڇپرائي ڇڏيو.هتان جا ماڻهو مذڪوره صورتحال  مزو وٺندا رهيا.

سبي ميلي جي انتظاميه پاران ڪيل وڏي غلطي سبب  دلچسپ صورتحال پيدا ٿي وئي جڏهن دعوت نامي ۾ وزيراعظم عمران خان جي بجاءِ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي تصوير وارو بينر ڇپرايو ويو.

حيرت  ۾ وجهندڙ ڳالهه اها آهي ته دعوت نامو پرنٽ ٿيڻ کان پوءِ به ان تي ڪنهن به غور ڪرڻ مناسب نه سمجهيو. دعوت نامي تي ميان نوازشريف جي تصوير صاف نظر اچي رهي آهي.