حيدرآباد: مهراڻ آرٽ ڪائونسل ۾ ايران پاڪستان ٽريول ٽوئيرازم ڪانفرنس ٿي گذري

news

حيدرآباد: مهراڻ آرٽ ڪائونسل ۾ ايران – پاڪستان ٽريول ٽوئيرازم ڪانفرنس ٿي گذري، جنهن ۾ خاص مهمان اسلامي جهموريه ايران جي ڪائونسل خاني جو نمائندو محمد مسٽر احمد محمدي هو. انهيءَ موقعي تي محمد احمدي ڳالهائيندي چيو ته ايران جيان پاڪستان ۾ به ڪيترائي سياحتي ماڳ آهن، جنهن ۾ موئن جو دڙو، رني ڪوٽ، هڙاپا ۽ ٽيڪيسلا جهڙا ماڳ شامل آهن. جنهن ۾ مهاراجا اشوڪ پڻ حڪومت ڪئي هئي. هن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته سنڌ پاڪستان جو تاريخي صوبو آهي، جنهن ۾ ٺٽو ۽ ڀنڀور جهڙا ماڳ آهن. انهي موقعي تي ٻيا خاص مهمان پڻ موجود هئا.