جرمني ۾ فائرنگ سبب نو ڄڻا مارجي ويا

news

جرمني: (خميس 20  فيبروري 2020ع) جرمني جي شهرهنائو ۾ فائرنگ جي ٻن واقعن ۾ 9 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

پوليس موجب فائرنگ جا ٻئي واقعا شيشه بارز ۾ ٿيا ۽ ٻنهي واقعن ۾ جوابدار فائرنگ کانپوءِ فرار ٿي ويا، مقامي پوليس فائرنگ جي واقعن ۾ 9 ڄڻن جي مارجي وڃڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ٻنهي واقعن ۾ 4 ڄڻا زخمي به ٿيا آهن، جنهن کي طبي امداد لاءِ اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.

پوليس عملدارن جو چوڻ آهي ته اڃان تان حملن جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي.

جڏهن ته واقعي واري هنڌان  شاهديون گڏ ڪرڻ کان پوءِ جوابدارن جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي.