قلعه سيف الله: سرڪاري عملي پوليو ويڪسين پيارڻ جي بجاءِ ڪچري ۾ اڇلي ڇڏي

news

ڪوئٽه: (خميس 20  فيبروري 2020ع) بلوچستان جي ضلعي قلعه سيف الله جي علائقي توبالي ۾ پوليو کان بچاءُ واري ويڪسين ملڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

ڊپٽي ڪمشنر قلعه سيف الله ڊاڪٽر عتيق شاهواني صحافين کي ٻڌايو ته پاڪ افغان سرحدي علائقي توبالي جي دوري جي دوران خبر پئي آهي ته صحت کاتي جي عملي پوليو کان بچاءُ واري مهم جي دوران پوليو ويڪسين ٻارن کي پيارڻ جي بجاءِ ڪچري جي ڍير تي اڇلائي ڇڏي ۽ ٻارن جي آڱرين تي جعلي نشان لڳايا.

ڊپٽي ڪمشنر جي سربراهي ۾ ٽيم مذڪوره ڳوٺ ۾ وڃي اڇلي آهي. ويڪسين گڌ ڪئي ته خبر پئي ته هي ويڪسين ايڪسپائر به نه هئي.

جنهن کان پوءِ ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر عتيق شاهواني يونين ڪائونسل توبالي ۾ پوليو کان بچاءُ واري مهم تي مقرر سموري عملي کي معطل ۽ پگهارون روڪڻ جا حڪم جاري ڪندي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.