مائيڪرو فونز کي ناڪاره بنائيندڙ الٽرا سائونڊ ڪڙو

news

شڪاگو: (خميس 20  فيبروري 2020ع) هن جو نالو خاموشي جو ڪڙو رکيو ويو آهي.   جنهن کي يونيورسٽي آف شڪاگو ۾ ڪميپوٽر سائنس ۽ انجنيئرنگ جي ماهرن ايجاد ڪيو آهي.

پهرين نظر ۾ ائين لڳندو آهي جيئن هي ڪو ٿلهو ڪڙو آهي جيڪو ڌاڳو ڦيڻو ڪندڙ ڪنهن پير فقير ڏنو آهي. پر حقيقت ۾ هي  24 الٽراسائونڊ اسپيڪرن سان ليس آهي جنهن جي آن ٿيڻ سان ئي هن مان الٽراسائونڊ لهرون نڪرڻ شروع ٿي وينديون آهن جيڪي هن کي پائيندڙن جي چئني پاسي پکڙجي وينديون آهن.

هي لهرون انسان کي ٻڌڻ ۾ ته نه اينديون آهن پر ڀرپاسي ۾ موجود مائيڪرو فون تائين پهچي ان ۾ اهڙو گوڙ پيدا ڪنديون آهن جو هو ڪجهه به ٻڌڻ ۽ رڪارڊ ڪرڻ جي قابل ناهي رهندو. ان ايجاد جو سبب بيان ڪندي ان جي ماهرن جو چوڻ آهي ته هن ٽيڪنالاجي جي ترقي جو سبب ماڻهن  جي جاسوسي ڪرڻ به نهايت آسان ٿي ويو آهي.

اڄ مائيڪرو فونز ۽ ڪيمرا ايترا ننڍا ٿي چڪا آهن جو  انهن کي ننڍي کان ننڍي جڳهه تي به آساني سان لڪائي ڪنهن جي به جاسوسي ڪري سگهجي ٿي. گهٽ ۾ گهٽ آواز جي رڪارڊنگ جي حد تائين ان ڪڙي سان جاسوسي جو موثر توڙ ڪري سگهجي ٿو.

في الحال هن  جا ڪامياب تجربا ڪيا ويا آهن پرهن جي ڪابه خبر ناهي ته ان کي باقاعده طور تي وڪرو ڪرڻ جي لاءِ پيش ڪيو ويندو يا نه؟ ۽ جيڪڏهن کيس مارڪيٽ ۾ وڪرو جي لاءِ پيش ڪيو ويندو ته ان جي قيمت ڪيتري مقرر ڪئي ويندي.