آرمي چيف جي ڪويتي دوري ۾ نائب وزيراعظم سميت اهم عسڪري قيادت سان ملاقاتون

news

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه هڪ ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ڪويت پهتو، جتي هن ڪويتي نائب وزيراعظم سميت اهم عسڪري قيادت سان ملاقاتون ڪيون.

پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ڪويتي نائب وزيراعظم احمد منصور الاحمد الجبر الصباح، بچاءُ واري وزير ۽ هٿياربند فوج جي سربراهن سان ملاقاتن ۾ گڏيل دلچسپي، دفاعي ۽ سيڪيورٽي تعاون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

آءِ ايس پي آر موجب ان ملاقاتن ۾ علائقائي امن ۽ استحڪام جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڪويتي سياسي ۽ عسڪري قيادت دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستاني قوم ۽ فوج جي ڪاميابين جي تعريف ڪئي.

آرمي چيف ۽ ڪويتي قيادت جي وچ ۾ ملاقاتن ۾ گڏيل سيڪيورٽي، دفاعي تعاون، دفاعي پيداوار، تربيت ۽ افرادي قوت ۾ تعاون جي فروغ تي به اتفاق ڪيو ويو.