ڪراچي: ٻن ڏينهن جي معطلي کانپوءِ ڪياماڙي آئل ٽرمينل فعال

news

ڪراچي: پاڪستان اسٽيٽ آئل (پي ايس او) ٻن ڏينهن جي معطلي کانپوءِ ڪياماڙي آئل ٽرمينل فعال ڪري ڇڏيو آهي.

واضح رهي ته پي ايس او ڪياماڙي ۾ زهريلي گئس سبب پنهنجي عملي جي تحفظ لاءِ ڪياماڙي آئل ٽرمينل کي غيرفعال ڪري ڇڏيو هو.

پي ايس او جي ترجمان عمران راڻا ٻڌايو ته ٽرمينل پوري صلاحيت سان ڪم ڪري رهيو آهي ۽ شام تائين ڪراچي جي سڀني پيٽرول اسٽيشنن تائين سپلاءِ پهچي ويندي.