فواد چوڌري جي شهباز شريف مٿان قومي اسيمبلي ۾ نه اچڻ تي سخت تنقيد

news

اسلام آباد: (جمعو 21  فيبروري 2020ع) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته شهباز شريف کان ملڪ واپس اچڻ جي تاريخ پڇي وڃي يا پوءِ نئين اپوزيشن اڳواڻ جي چونڊ جي شروعات ڪئي وڃي.

فواد چوڌري سوشل ميڊيا تي پنهنجي ٽوئٽ ۾ چيو آهي ته مون قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي خط لکيو آهي ته اپوزيشن اڳواڻ ڊگهي وقت کان ايوان ۾ نه اچي رهيو آهي ۽ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو عهدو هو اڳ ئي ڇڏي چڪو آهي. هن چيو ته قانونسازي ۾ اپوزيشن اڳواڻ جو اهم ڪردار آهي ۽ هو خاص سهولتون به وٺي رهيو آهي. شهباز شريف جي غير موجودگي اسيمبلي قانون جي ڀڃڪڙي آهي.

فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته اهڙين حالتن ۾ يا ته شهباز شريف کان اسيمبلي ۾ واپسي جي تاريخ پڇي وڃي يا پوءِ نئين اپوزيشن اڳواڻ چونڊ ڪرڻ جي شروعات ڪئي وڃي ڇو ته مخالف ڌر جي اڳواڻ جو عهدو ڊگهي عرصي تائين خالي نٿو رکي سگهي.

فواد چوڌري چيو ته شهباز شريف، نوازشريف کي واپس آڻڻ جي پڪ ڏئي پاڻ ئي غائب ٿي ويو آهي. ياد رهي ته شهباز شريف نوازشريف جي علاج جي سلسلي ۾ گذريل سال نومبر کان برطانيه ۾ ترسيل آهي ۽ ايندڙ مهيني ان جي ملڪ واپسي جو امڪان آهي.