ايف اي ٽي ايف تيرنهن نڪتن تي عمل ڪرڻ لاءِ جون تائين مهلت ڏيڻ تي راضي ٿي ويو

news

اسلام آباد: (جمعو 21  فيبروري 2020ع) فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس(ايف اي ٽي ايف)  پاڪستان کي 13 نڪتن تي عمل ڪرڻ جي لاءِ جون تائين مهلت ڏيڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي پر ان ڳالهه جو حتمي اعلان پيرس ۾ جاري اجلاس جي ختم ٿيڻ کان پوءِ ٿيندو. 

ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب پاڪستان جو نالو گري لسٽ مان ڪڍڻ  بابت قدمن جو جائزو وٺڻ جي حوالي سان فنانشنل ايڪشن ٽاس فورس جو پيرس ۾ جاري اجلاس اڄ جمعي تي ختم ٿيندو. ذريعن ٻڌايو ته اجلاس ۾ پاڪستان جي 27 نڪتن تي ٻڌل ايڪشن پلان تي عمل ڪرڻ واري رپورٽ تي غور ڪيو ويو ۽ پاڪستان 27 مان 14 نڪتن تي عمل ڪري ورتو.

ذريعن موجب پاڪستان کي 13 نڪتن تي عمل ڪرڻ جي لاءِ جون تائين  مهلت ملي وئي آهي پر پاڪستان کي دهشتگردن جي مالي مدد ڪندڙ ڏوهارين کي سخت سزائون ڏيڻ ۽ مني لانڊرنگ کي روڪڻ جي لاءِ بهتر قانون سازي جي به هدايت ڪئي وئي آهي.

ذريعن موجب پاڪستان کي گري لسٽ مان نڪرڻ جو فيصلو  ايف اي ٽي ايف جي اجلاس ختم ٿيڻ کان پوءِ ٿيندو. ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته پاڪستان کي آڪٽوبر تائين گري لسٽ ۾ رکي سگهجي ٿو.