پي ايس ايل جي افتتاحي تقريب: فنڪارن جا جوش ۽ خوشي وارا پيغام

news

ڪراچي: (جمعو 21  فيبروري 2020ع) گذريل ڏينهن پاڪستان سپر ليگ سيزن 5 جي رنگا رنگ تقريب ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ منعقد ڪئي وئي ان موقعي تي ڪرڪيٽ جي ديوانن جو وڏو انگ   اسٽيڊيم پهتو. شوبز سان لاڳاپيل فنڪار به اسٽيڊيم پهتا ۽ سوشل ميڊيا تي پي ايس ايل جا سمورا ميچ پاڪستان ۾ منعقد ٿيڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو.

اهي فنڪار جيڪي اسٽيڊيم نه وڃي سگهيا انهن به سوشل ميڊيا تي ڪرڪيٽ جي واپسي ۽ پي ايس ايل جهڙي وڏي ايونٽ جي پاڪستان ۾ ٿيڻ تي مختلف پيغامن جي ذريعي پنهنجي  جوش ۽ خوشي جو اظهار ڪيو. مهوش حيات گذريل ڏينهن پي ايس ايل جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ نيشنل اسٽيڊيم ۾ موجود هئي. هن اتي پنهنجي هڪ خوبصورت  تصوير شيئر ڪئي ۽ لکيو ته عالمي رانديگرن کي هڪ دفعو ٻيهر پاڪستان ۾  ڪرڪيٽ کيڏندي ڏسي تمام سٺو لڳو. اداڪار عدنان صديقي به گذريل ڏينهن نيشنل اسٽيڊيم ۾ موجود هو هن لکيو ته مبارڪ هجي عالمي  ڪرڪيٽ ۽ پي ايس ايل پاڪستان ۾ واپس اچي وئي.

اداڪاره ماهره خان به پي ايس ايل جا سمورا ميچ پاڪستان ۾ منعقد ٿيڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته ان کان بهتر ڪجهه ناهي ته  ڪرڪيٽ اوهان جي ملڪ ۾ کيڏي پئي وڃي. ماهرن خان پي ايس ايل پاڪستان ۾ ۽ پاڪستان زنده باد جا بيش ٽيگز به استعمال ڪيا. اداڪار ۽ ميزبان فيصل قريشي لکيو آهي ته هن ڀيري پي ايس ايل جا سمورا ميچ پاڪستان ۾ منعقد  ٿيندا آهن هي هڪ وڏي ڪاميابي آهي. اوهان کي مبارڪ هجي.

ماورا حسين به پي ايس ايل جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي خوشي ۽ جوش سان ڀريل پيغام ڏيندي لکيو آهي ته  اهو ڏسي تمام سٺو لڳي رهيو آهي ته هن ڀيري پي ايس ايل جا سمورا ميچ پاڪستان ۾ ٿي رهيا آهن مان ڪوشش ڪندس ته وڌ کان وڌ ميچن ۾ شرڪت ڪري سگهان. اداڪار همايون سعيد به پي ايس ايل جي سمورن ميچن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. اداڪاره ۽ ميزبان شائسته لودهي به ٽوئٽر تي پاڪستان جي ڪاميابي تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي.