ايف بي آر پشاور جي چوڏهن پرائيويٽ اسپتالن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو

news

پشاور: (ڇنڇر 22 فيبروري 2020ع)  فيڊرل بورڊ آف روينيو آمدني ۽ اثاثا لڪائڻ تي پشاور  جي 14 پرائيويٽ اسپتالن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو.

ايف بي آر ڊاڪٽر ۽ فريشنز جي خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو آهي. ڊاڪٽرن بابت ڄاڻ فراهم نه ڪندڙ اسپتالن تي ڏنڊ به لاڳو ڪري سگهجي ٿو. ايف بي آر غير معمولي آمدني وارن ڊاڪٽرن جي بينڪ اڪائونٽن جا تفصيل ۽ ٻاهرين دورن جو رڪارڊ به حاصل ڪري ورتو آهي.

ڊاڪٽرن کي پرڏيهه دورن تي موڪليندڙ دوائن وارين ڪمپنين بابت به ڄاڻ جمع ڪئي پئي وڃي. ايف بي آر سٽي ايريا، ڪينٽ ايريا، ٽائون ايريا، حيات آباد سميت شهر جي مختلف هنڌن تي ڊاڪٽرن جي پنهنجين ڪروڙين روپين جي اسپتالن جي باري ۾ تفصيل جمع ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.

اسپتالن کي ان حوالي سان پروفارما جاري ڪيا ويا آهن جنهن ۾ ڊاڪٽرن جي تفصيل طلب ڪئي وئي آهي.