مائونٽ ايورسٽ جي ٽيويهه هزار هڪ سئو اوڻونجاهه فٽ مٿانهين چوٽي تي ڊنر پارٽي

news

بيجنگ: (ڇنڇر 22 فيبروري 2020ع) اٺ ڄڻن تي ٻڌل ايڊونچر جي شوقين ماڻهن مائونٽ ايورسٽ تي ڊنر پارٽي جو بندوبست ڪيو ۽ مزيدار کاڌن مان مزو ماڻيو.

23 هزار 149 فٽ مٿانهين چوٽي تي هن ڊنر پارٽي لاءِ خاص طور تي کاڌي جي ميز، ڪرسيون  ۽ ٻيون کاڌي جون شيون مائونٽ ايورسٽ تي آنديون ويون هيون.

ايڊونچر جي شوقين برطانوي شهرين جي هن ڪارنامي کي گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ڊنر پارٽي جون ڪيتريون ئي تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن جنهن کي ڏسي صارفين پنهنجي خيالن جي اظهار ۾ مصروف آهن.

صارفين جي اڪثريت هن کي دلچسپ ايڊونچر قرار ڏئي ڇڏيو آهي.