ڪيميائي شين سان فرش جي صفائي ٻارن ۾ سهڪي جي مرض جو سبب بڻجندي آهي

news

ڪينيڊا: (ڇنڇر 22 فيبروري 2020ع) ڪينيڊا ۾ ڪيل هڪ ڊگهي سروي کان پوءِ خبر پئي آهي ته جيڪڏهن گهر جي فرش کي ڪيميڪل ۽ ٻين خوشبودار مادن سان صاف ڪيو وڃي ته ان سان فرش تي کيڏندڙ ٻار سهڪي جو مريض بڻجي سگهي ٿو. 

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٻارن جي زندگي جي شروعاتي 3 سالن ۾ ان جو خطرو وڌيڪ هوندو آهي. ان لاءِ والدين جي لاءِ مشورو آهي ته هو پنهنجي گهر جي فرش کي صاف رکڻ جي لاءِ فينائل ۽ ٻين جراثيم جي خاتمي وارين دوائن جو پوچو لڳائڻ ۾ احتياط ڪن.

سائمن فريزر يونيورسٽي سان لاڳاپيل سائنسدان ٽم ٽڪارو چيو آهي ته ان کان اڳ ثابت ٿي چڪو آهي ته ڪيميڪل سان فرش جي صفائي ۽ وڏي عمر جي ماڻهن ۾ سهڪي جي وچ ۾ تعلق آهي. اهڙا ماڻهو وڌيڪ متاثر ٿيندا آهن جيڪي پنهنجو 80 کان 90 سيڪڙو وقت ڪيميڪل سان ڀريل ماحول ۾ گذاريندا آهن. ان سان اهي ماڻهو وڌيڪ متاثر ٿيندا آهن جن جي ڦڦرن ۽ جلد ۾ ڪيميڪل  جو اثر ٿي ويندو آهي.

2 سال اڳ ناروي ۽ اسڪينڊينيويائي ملڪن ۾ سوين اسڪولن جي هزارين ٻارن تي هڪ تفصيلي سروي ڪيو ويو هو ان جو نتيجو اهو هو ته فينائل جو انڌاڌنڌ استعمال ننڍن ٻارن ۾ ساهه جي مرض ۽ سهڪي جو اصل سبب بڻجي سگهي ٿو.