عمران خان ملڪ لاءِ ورلڊ ڪپ کٽيو، معاشي بحران مان به ڪڍي وٺندو: اسد قيصر

news

صوابي: قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته عمران خان ملڪ جي لاءِ ورلڊ ڪپ کٽيو ۽ اهو ائين ئي قوم کي معاشي بحران مان ڪڍي وٺندو.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر صوابي ۾ هڪ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته وزيراعظم عمران خان ملڪ لاءِ ورلڊ ڪپ کٽيو ۽ شوڪت خانم اسپتال جو وڏو تحفو ڏنو، ان وقت ملڪ کي سخت معاشي ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي پر مون کي يقين آهي ته عمران خان ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍي وٺندو.

هن چيو ته عمران خان هن وقت واحد آپشن آهي، پهريون ڀيرو خيبرپختونخوا ۾ چائنا پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جي تحت موٽر ويز ٺهي رهيا آهن. افغانستان سان واپار جي شروعات ڪرڻ چاهيون ٿا.

افغانستان ۾ امن عمل سان پاڪستان ۾ ترقي جي حوالي سان اسپيڪر قومي اسيمبلي جو چوڻ هو ته افغانستان ۾ امن جي سبب ملڪ ۾ ترقي ايندي ۽ روزگار جون راهون کلنديون.