اٽي ۽ کنڊ بحران جي ذميوارن خلاف گهيرو سوڙهو ڪيو پيو وڃي: شيخ رشيد

news

لاهور: ريلوي واري وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته اٽي ۽ کنڊ بحران جي ذميوارن خلاف گهيرو سوڙهو ڪيو پيو وڃي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد جو چوڻ هو ته تحريڪ انصاف ۾ ڪرپشن جي خلاف سخت مزاحمت موجود آهي ۽ اها نٿي چاهي ته چور، ڦورو  ٻاهر ويهي عياشيون ڪن.

هن چيو ته مريم نواز لنڊن نه ويندي، ان جي رستي ۾ ڪابينا رڪاوٽ آهي.

 هڪ سوال جي جواب ۾ شيخ رشيد جو چوڻ هو ته متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) هڪ سٺي پارٽي آهي، اسان کي اهو ڏسڻو آهي ته ڪير اسان سان گڏ ناهي.

 ريلوي واري وزير جو چوڻ آهي ته اسان گڏ سان صرف مولانا فضل الرحمان ناهي، جيڪڏهن مولانا ڌرڻو ڏيڻ آيو ته کنڀجي ويندو.

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جي حوالي سان پڇيل هڪ سوال تي هن جو چوڻ هو ته بلاول ڀٽو کي پنهنجو صدقو ڏيندو رهڻ گهرجي.