پاڪستان سان محبت لاءِ پاسپورٽ جو هجڻ ضروري ناهي: سيمي

news

ڪراچي: سپر ليگ (پي ايس ايل) فرنچائيز پشاور زلمي جي ويسٽ انڊيز سان تعلق رکندڙ ڪپتان ڊيرن سيمي جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي شهرت ملڻ اعزاز جي ڳالهه آهي.

ڪراچي ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ۾ سيمي جو چوڻ آهي ته ان کي پاڪستان سان محبت جي لاءِ هتي جي پاسپورٽ جي ضروت ناهي، سٺي ڳالهه آهي ته ان جي ڪم جو اعتراف ڪيو پيو وڃي.

هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان ۾ اڄ ڪرڪيٽ جي جيڪا واپسي ٿي آهي، ان ۾ هر ان ڪرڪيٽر جو ڪردار آهي جنهن گذريل ٽن سالن دوران پاڪستان جو دورو ڪيو.

سيمي جو چوڻ هو ته هن پاڪستان جي لاءِ جيڪو ڪجهه ڪيو اهو هتان جي عوام سان لڳاءُ ۽ هتي ملندڙ پيار جو نتيجو آهي.

ياد رهي ته پاڪستان حڪومت ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽر ڊيرن سيمي کي پاڪستان جي اعزازي شهريت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب ڊيرن سيمي کي صدر مملڪت 23 مارچ تي پاڪستان جي اعزازي شهريت ۽ پاڪستان جو سڀ کان وڏو سول اعزاز ڏيندو.

اهو فيصلو ڊيرن سيمي جي پاڪستان ڪرڪيٽ لاءِ خدمتن جي اعتراف ۾ ڪيو ويو آهي.