ڪورونا وائرس: ڪويت جي بندرگاهن تي ايران کان ايندڙ سامونڊي جهازن جي آمد معطل

news

ڪويت: ڪويت جي پورٽ اٿارٽي ڪورونا وائرس سبب پنهنجي بندرگاهن تي ايراني سامونڊي جهازن جي آمد معطل ڪري ڇڏي آهي.

گلف ٽائمز جي رپورٽ موجب ڪويت پورٽ اٿارٽي اعلان ڪيو آهي ته شعيبه، دوحه ۽ شيوخ پورٽ کي ايران مان ايندڙ جهازن جي لاءِ معطل ڪيو ويو آهي.

ڪويت جي سرڪاري نيوز ايجنسي موجب پورٽ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل شيخ يوسف عبدالله صباح النصر جو چوڻ آهي ته اهو ڪويت ۾ ڪورونا وائرس جي داخلي کي روڪڻ لاءِ حفاظتي قدم آهن.

هن جو چوڻ هو ته اهي قدم وائرس جي خلاف وڙهڻ جي لاءِ ٺاهيل ملڪي منصوبن جو حصو آهن.

ان کان اڳ ڪويتي اختيارين ڪورونا وائرس جي خلاف حفاظتي قدمن جي لاءِ مڪمل منصوبو تيار ڪري ورتو هو جنهن کانپوءِ اهو فيصلو ڪيو ويو آهي.