ڪورونا وائرس سبب عالمي معيشت وڌيڪ خطري ۾ آهي: آءِ ايم ايف

news

رياض: عالمي مالياتي فنڊز (آءِ ايم ايف) ڪورونا وائرس جي وبا کي عالمي معيشت جي لاءِ وڌيڪ خطرناڪ قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

خابرو اداري اي ايف پي موجب آءِ ايم ايف جي سربراهه جي 20 ملڪن جي ناڻي وارن وزيرن ۽ مرڪزي بينڪ جي گورنز کي خبردار ڪيو آهي ته پهرين کان ئي ڪمزور عالمي معيشت کي موذي ڪورونا وئراس جي وبا کان وڌيڪ خطرا لاڳو ٿي ويا آهن.

ان ڏس ۾ آءِ ايم ايف جي سربراهه ڪرسٽالينا جورجيفا سعودي عرب ۾ منعقد اجلاس ۾ چيو ته عالمي معيشت جي متوقع بحالي جا امڪان انتهائي نازڪ آهن.

هن چيو ته ڪورونا وائرس سبب عالمي سطح تي صحت بابت هنگامي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي.

هن جو چوڻ هو ته وائرس سان چين ۾ معاشي سرگرميون متاثر ٿيون آهن ۽ ان جي بحالي جا امڪان مايوس ڪندڙ آهن.

آءِ ايم ايف جي سربراهه خبردار ڪيو آهي ته وائرس تي تيزي سان قابو پائڻ جي صورت ۾ به چين ۽ باقي دنيا ۾ معاشي واڌ ويجهه تي فرق پوندو.

هن جو چوڻ هو ته ڪورونا جي نئين وائرس سبب حالتون ڳڻتي جوڳيون ٿي رهيون آهن، ٻئي طرف چيني اختيارين وائرس جي پکيڙ روڪڻ لاءِ لکين ماڻهن جي چرپر انتهائي محدود ڪري ڇڏي آهي، جنهن جا معاشي طور تي وڏا ناڪاري اثر ظاهر ٿيندا.