ووهان ۾ پاڪستاني شاگرد محفوظ ۽ صحتمند آهن: چيني سفارتخانو

news

اسلام آباد: پاڪستان ۾ چيني سفارتخاني پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ووهان ۾ پاڪستاني شاگرد وقتي ڏکيائين کي سمجهن ٿا، شاگرد محفوظ ۽ صحتمند آهن.

اسلام آباد ۾ چيني سفارتخاني جي طرفان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته چين ۾ ڪورونا وائرس تي قابو پائڻ جي لاءِ کنيل قدمن جا هاڪاري نتيجا سامهون اچي رهيا آهن.

بيان موجب ووهان ۾ پاڪستاني شاگرد وقتي ڏکيائين کي سمجهن ٿا. شاگردن کي ڪورونا وائرس کان بچاءُ جا انتظام ڪيا ويا آهن.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته چيني رهواسين سميت پاڪستاني شاگردن کي ووهان ۾ رکڻ جو مقصد وبا کي وڌيڪ ڦهلجڻ کان روڪڻ آهي، چيني حڪومت پاڪستاني شاگردن کي پنهنجي عوام جيان سار سنڀال ڪري رهي آهي.

سفارتخاني جو چوڻ آهي ته شاگردن جي والدين کي هر قسم جي حفاطت جو يقين ڏياريون ٿا. چيني حڪومت پاڪستاني سفارتخاني سان گڏ ملي شاگردن جي سارسنڀال جو انتظام ڪري ورتو آهي.

چيني سفارتخاني طرفان وڌيڪ چيو ويو آهي ته شاگردن جي اڪثريت چين ۽ پاڪستان جي انتظامن مان مطمئن آهي. عالمي صحت واري اداري جي هدايتن موجب انهن حالتن ۾ سفر مناسب ناهي، ڪنهن به قسم جي چُرپُر وائرس جي پکيڙ جو سبب بڻجي سگهي ٿي.

ٻئي طرف چين پاڪستان جي درخواست تي گادي واري هنڌ بيجنگ ۾ مقرر پاڪستاني سفارتخاني جي 2 آفيسرن کي ووهان وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب ٽاسڪ فورس جي ٻنهي آفيسرن کي مستقل طور ووهان موڪليو ويو آهي ته جئين هو اتي رهي ڪري چيني اختيارين سان مسلسل رابطي ۾ رهن.